تذڪره مشاهير سنڌ

تذڪره مشاهير سنڌ

تذڪره مشاهير سنڌ

تذڪره مشاهير سنڌ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب مولانا دين محمد وفائيءَ، ورهاڱي کان اڳ لکي تيار ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ جي عالمن، درويشن ۽ بزرگن تي تحقيق سان سوانح عمريون ۽ واقعا شامل آهن. مولانا صاحب هن ڪتاب جي ترتيب ڏيڻ کان اڳ ئي گذاري ويو، جنهنڪري مسودي تي نظرثاني نه ٿي سگهي. ان کان پوءِ ڪتاب جو مسودو سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ٿيو. جنهن طرفان هي تذڪرو ٽن جلدن ۾ شايع ڪيو ويو، ان جو تفصيل هن طرح آهي: پهريون ڀاڱو: هن ڀاڱي ۾ ڪل 124 سوانح عمريون ڏنل آهن ۽ 350 صفحن تي مشتمل آهي. هن حصي جي قيمت 50 رپيا آهي. هن جلد کي پير حسام الدين راشديءَ ايڊٽ ڪيو، جيڪو ترتيب، مقدمي ۽ حاشين سان سنڌي ادبي بورڊ 1974ع ۾ شايع ڪيو.ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1985ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سنڌ جي 170 مشاهيرن جي سوانح عمرين، مقدمي، فهرستن سميت 365 صفحا آهن. هن جلد جي قيمت 50 رپيا آهي. هن ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1986ع ۾ ڇپايو ويو. هن ڀاڱي ۾ 148 سوانح عمريون، حاشين ۽ فهرستن سميت شامل آهن. هن جلد ۾ 360 صفحا آهن ۽ قيمت 50 رپيا آهي. مولانا دين محمد وفائي صاحب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ کي وسيع پيماني تي لکڻ ٿي چاهيو، ان لاءِ هن سڄيءَ سنڌ ۾ گشت ڪري مواد حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، پر کيس زندگيءَ وڌيڪ مهلت نه ڏني.


لفظ تذڪره مشاهير سنڌھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو